John 4:10 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
يسوع جواب ڏيئي چيس تہ جي توکي خدا جي بخشش جي خبر هجي ها، ۽ ڄاڻين ها تہ اُهو ڪير آهي جو توکي چوي ٿو تہ مون کي پاڻي پيار؛ تہ تون جيڪر هن کان گهُرين ها، ۽ هو توکي زندگيءَ جو پاڻي ڏئي ها.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏھن تو کي خدا جي بخشش جي خبر ھجي ھا ۽ ڄاڻين ھا تہ تو کان پاڻي گھرڻ وارو ڪير آھي، تہ تون جيڪر ھن کان گھرين ھا ۽ ھو تو کي زندگيءَ جو پاڻي ڏئي ھا.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
يسوع کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏهن تو کي ايشور جي بخشش جي سڌ هجي ها ۽ ڄاڻين ها تہ تو کان پاڻي گھرڻ وارو ڪير آهي، تہ تون جيڪر هن کان پاڻي گھرين ها ۽ هو تو کي جيون جو پاڻي ڏئي ها.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏهن تو کي خدا جي بخشش جي خبر هجي ها ۽ ڄاڻين ها تہ تو کان پاڻي گھرڻ وارو ڪير آهي، تہ تون جيڪر هن کان پاڻي گھرين ها ۽ هو تو کي زندگيءَ جو پاڻي ڏئي ها.“