John 4:23 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر اُها گهڙي اچي ٿي، بلڪ هينئر اچي سهڙي آهي، جڏهن سچا عابد روح ۽ سچائيءَ سان پيءُ جي عبادت ڪندا: ڇالاءِ تہ پيءُ اهڙن ئي عابدن کي ٿو چاهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر اھا گھڙي اچي رھي آھي، بلڪ ھاڻي اچي پھتي آھي، جڏھن سچا عبادت ڪندڙ روح ۽ سچائيءَ سان پيءُ جي عبادت ڪندا ۽ پيءُ بہ اھڙن عبادت ڪندڙن کي چاھي ٿو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر اها گھڙي اچي رهي آهي، بلڪ هاڻي اچي پهتي آهي، جڏهن سچا ڀڳتي ڪندڙ پوِتر آتما ۽ سچ جي پيروي ڪندي پتا جي ڀڳتي ڪندا. هائو، پتا بہ چاهي ٿو تہ اهڙا ڀڳتي ڪندڙ هجن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر اها گھڙي اچي رهي آهي، بلڪ هاڻي اچي پهتي آهي، جڏهن سچا عبادت ڪندڙ پاڪ روح ۽ سچ جي پيروي ڪندي پيءُ جي عبادت ڪندا. هائو، پيءُ بہ چاهي ٿو تہ اهڙا عبادت ڪندڙ هجن.