John 4:27 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ايتري ۾ سندس شاگرد آيا؛ ۽ عجب ۾ پيا تہ هو زال ذات سان ويٺو ڳالهائي؛ تہ بہ ڪنهن نہ چيو تہ توکي ڇا گهرجي؟ يا تون هن سان ڇو ٿو ڳالهائين؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ايتري ۾ عيسيٰ جا شاگرد موٽي آيا ۽ اھو ڏسي عجب ۾ پئجي ويا تہ ھو عورت ذات سان ويٺو ڳالھائي. پر انھن مان ڪنھن بہ انھيءَ عورت کان نہ پڇيو تہ ”تو کي ڇا گھرجي؟“ ۽ نہ عيسيٰ کي چيائون تہ ”توھين ھن سان ڇو ٿا ڳالھايو؟“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ايتري ۾ يسوع جا چيلا موٽي آيا ۽ اهو ڏسي عجب ۾ پئجي ويا تہ هو ناري ذات سان ويٺو ڳالهائي. پر انهن مان ڪنهن بہ انهيءَ ناريءَ کان نہ پڇيو تہ ”تو کي ڇا گھرجي؟“ ۽ نہ يسوع کان پڇيائون تہ ”اوهين هن سان ڇو ٿا ڳالهايو؟“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ايتري ۾ عيسيٰ جا شاگرد موٽي آيا ۽ اهو ڏسي عجب ۾ پئجي ويا تہ هو عورت ذات سان ويٺو ڳالهائي. پر انهن مان ڪنهن بہ انهيءَ عورت کان نہ پڇيو تہ ”تو کي ڇا گھرجي؟“ ۽ نہ عيسيٰ کان پڇيائون تہ ”اوهين هن سان ڇو ٿا ڳالهايو؟“