John 4:38 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
جنهن لاءِ اوهان بازون نہ هنيون آهن، تنهن جي لُڻڻ لاءِ اوهان کي موڪليم، ٻين بازون هنيون ۽ اوهين هنن جي پورهئي ۾ ڀائيوار ٿيا آهيو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
مون اوھان کي موڪليو آھي تہ ان ٻنيءَ ۾ فصل جو لابارو ڪريو جتي اوھان ڪم نہ ڪيو آھي. پر ٻين اتي ڪم ڪيو آھي ۽ اوھان انھن جي ڪم مان فائدو ورتو آھي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
مون اوهان کي موڪليو تہ ان فصل جو لابارو ڪندا رهو جيڪو اوهان نہ پر ٻين محنت ڪري پوکيو آهي ۽ اوهين انهن جي ڪم مان فائدو وٺو ٿا.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
مون اوهان کي موڪليو تہ ان فصل جو لابارو ڪندا رهو جيڪو اوهان نہ پر ٻين محنت ڪري پوکيو آهي ۽ اوهين انهن جي ڪم مان فائدو وٺو ٿا.“