John 4:45 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
سو جڏهن هو گليل ۾ آيو، تڏهن گليلين کيس قبول ڪيو، ڇالاءِ جو يروشلم ۾ عيد تي جيڪي ڪم هن ڪيا هئا، سي سڀ هنن ڏٺا هئا: ڇوتہ خود انهن جو بہ عيد تي وڃڻ ٿيو هو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن ھو گليل ۾ پھتو تہ اتي جي ماڻھن سندس آڌرڀاءُ ڪيو، ڇاڪاڻ⁠تہ اھي بہ عيد فصح جي موقعي تي يروشلم ڏانھن ويا ھئا ۽ اتي عيسيٰ جيڪي ڪجھہ ڪيو سو سڀ ڏٺو ھئائون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هاڻ جڏهن هو گليل ۾ پهتو تہ اتي جي ماڻهن سندس آڌرڀاءُ ڪيو. پر اهو انهيءَ ڪري جو هنن اهو سڀ ڪجھہ ڏٺو هو جيڪو يسوع يروشلم ۾ فصح جي تهوار جي موقعي تي ڪيو هو، جڏهن هو بہ تهوار ملهائڻ ويا هئا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هاڻ جڏهن هو گليل ۾ پهتو تہ اتي جي ماڻهن سندس آڌرڀاءُ ڪيو. پر اهو انهيءَ ڪري جو هنن اهو سڀ ڪجھہ ڏٺو هو جيڪو عيسيٰ يروشلم ۾ عيد فصح جي موقعي تي ڪيو هو، جڏهن هو بہ عيد ملهائڻ ويا هئا.