John 4:53 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن پڻس کي خبر پيئي تہ هي اهو ئي وقت هو، جڏهن يسوع کيس چيو تہ تنهنجو پٽ بچيو: ۽ پاڻ ۽ سندس سڄي خاندان ايمان آندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھن تي پڻس کي ياد آيو تہ برابر اھو ئي وقت ھو جڏھن عيسيٰ کيس چيو ھو تہ ”تنھنجو پٽ نہ مرندو.“ سو انھيءَ عملدار ۽ سندس گھر جي سڀني ڀاتين ايمان آندو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهن تي ٻار جي پتا کي ياد آيو تہ برابر اهو ئي وقت هو جڏهن يسوع کيس چيو هو تہ ”تنهنجو پٽ نہ مرندو.“ سو انهيءَ عملدار ۽ سندس گھر جي سڀني ڀاتين يسوع تي وشواس آندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن تي پڻس کي ياد آيو تہ برابر اهو ئي وقت هو جڏهن عيسيٰ کيس چيو هو تہ ”تنهنجو پٽ نہ مرندو.“ سو انهيءَ عملدار ۽ سندس گھر جي سڀني ڀاتين عيسيٰ تي ايمان آندو.