John 4:9 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن انهيءَ سامري زال چيس تہ تون يهودي ٿي مون سامري زال کان پاڻي ڪيئن ٿو گهُرين؟ (ڇالاءِ جو يهودين جو سامرين سان ڪو رشتو ڪونهي).
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھن تي انھيءَ سامري عورت کيس وراڻيو تہ ”تون يھودي ٿي ڪري مون سامري عورت کان ڪيئن ٿو پيئڻ لاءِ پاڻي گھرين؟“ ڇالاءِجو يھودي ماڻھو اھي ٿانوَ بہ ڪم نہ آڻيندا ھئا، جيڪي سامري استعمال ڪندا ھئا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهن تي انهيءَ ناريءَ کيس وراڻيو تہ ”تون يهودي ٿي ڪري مون سامري ناريءَ کان ڪيئن ٿو پيئڻ لاءِ پاڻي گھرين؟“ هن ائين انهيءَ لاءِ چيو جو يهودي ماڻهو اهي ٿانوَ بہ ڪم نہ آڻيندا هئا، جيڪي سامري استعمال ڪندا هئا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن تي انهيءَ عورت کيس وراڻيو تہ ”تون يهودي ٿي ڪري مون سامري عورت کان ڪيئن ٿو پيئڻ لاءِ پاڻي گھرين؟“ هن ائين انهيءَ لاءِ چيو جو يهودي ماڻهو اهي ٿانوَ بہ ڪم نہ آڻيندا هئا، جيڪي سامري استعمال ڪندا هئا.