John 5:19 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن يسوع جواب ڏيئي چين، تہ آئون سچ سچ ٿو چوان تہ پٽ پنهنجي سر ڪي بہ ڪري نٿو سگهي، پر جيڪي پيءُ کي ڪندو ٿو ڏسي، سو ئي ٿو ڪري: ڇالاءِ جو جيڪي بہ ڪم هو ڪري ٿو، سي ئي پٽ بہ ساڳيءَ طرح ٿو ڪري.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پوءِ عيسيٰ يھودي اڳواڻن کي وراڻيو تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ فرزند پاڻ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھي. ھو رڳو اھي ڪم ڪري ٿو جيڪي پنھنجي پيءُ کي ڪندي ٿو ڏسي، ڇالاءِ⁠جو جيڪي پيءُ ڪري ٿو سو ئي فرزند ٿو ڪري.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهنڪري يسوع يهودي اڳواڻن کي وراڻيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ پٽ پنهنجو پاڻ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھي. هو رڳو اهي ڪم ڪري ٿو جيڪي پنهنجي پتا کي ڪندي ٿو ڏسي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي پتا ڪري ٿو سو ئي پٽ ٿو ڪري.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهنڪري عيسيٰ يهودي اڳواڻن کي وراڻيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ فرزند پنهنجو پاڻ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھي. هو رڳو اهي ڪم ڪري ٿو جيڪي پنهنجي پيءُ کي ڪندي ٿو ڏسي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي پيءُ ڪري ٿو سو ئي فرزند ٿو ڪري.