John 5:7 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
مريض جواب ڏنس، تہ سائين، جنهن مهل پاڻي اُڇل ٿو کائي، تنهن مهل اهڙو ماڻهو ڪونہ لڀيم جو کڻي تلاءَ ۾ وجهيم: پر آئون جيستائين اچان ئي اچان، تيستائين ٻيو مون کان اڳي گهڙيو پوي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھن تي انھيءَ بيمار وراڻيو تہ ”سائين! جنھن مھل پاڻي اڇل ٿو کائي، تنھن مھل اھڙو ماڻھو ڪونہ ھوندو آھي جيڪو مون کي کڻي ھن تلاءَ ۾ وجھي. سو جيستائين آءٌ پاڻ اچان تيستائين مون کان اڳي ڪو ٻيو پاڻيءَ ۾ گھڙي پوندو آھي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهن تي انهيءَ مرض ورتل وراڻيو تہ ”سائين! جنهن مهل پاڻي اڇل ٿو کائي، تنهن مهل اهڙو ماڻهو ڪونہ هوندو آهي جيڪو مون کي کڻي هن تلاءَ ۾ وجھي. سو جيستائين آءٌ پاڻ پهچان تيستائين مون کان اڳي ڪو ٻيو پاڻيءَ ۾ گھڙي پوندو آهي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن تي انهيءَ مرض ورتل وراڻيو تہ ” سائين! جنهن مهل پاڻي اڇل ٿو کائي، تنهن مهل اهڙو ماڻهو ڪونہ هوندو آهي جيڪو مون کي کڻي هن تلاءَ ۾ وجھي. سو جيستائين آءٌ پاڻ پهچان تيستائين مون کان اڳي ڪو ٻيو پاڻيءَ ۾ گھڙي پوندو آهي.“