John 6:22 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ٻئي ڏينهن اُهو ميڙاڪو، جو سمنڊ جي پرئين ڀر بيٺو هو، تنهن ڏٺو تہ اُتي تہ هڪڙي ٻيڙيءَ ڌاران ٻيو ڪي بہ ڪين هو، ۽ يسوع تہ پنهنجن شاگردن سان ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو ئي ڪين هو، پر سندس شاگرد اڪيلا ويا هئا.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ٻئي ڏينھن تي ماڻھن جو جيڪو ميڙ ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر بيٺو ھو، تنھن ڏٺو تہ ڪالھہ اتي رڳو ھڪڙي ٻيڙي بيٺي ھئي ۽ کين اھا بہ خبر ھئي تہ عيسيٰ انھيءَ ٻيڙيءَ ۾ شاگردن سان گڏ نہ ويو ھو پر اھي اڪيلا ئي روانا ٿي ويا ھئا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ٻئي ڏينهن تي ماڻهن جو جيڪو ميڙ ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر بيٺو هو، تنهن ڏٺو تہ ڪالهہ اتي رڳو هڪڙي ٻيڙي بيٺي هئي ۽ کين اها بہ سڌ هئي تہ يسوع انهيءَ ٻيڙيءَ ۾ چيلن سان گڏ نہ ويو هو پر اهي اڪيلا ئي روانا ٿي ويا هئا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ٻئي ڏينهن تي ماڻهن جو جيڪو ميڙ ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر بيٺو هو، تنهن ڏٺو تہ ڪالهہ اتي رڳو هڪڙي ٻيڙي بيٺي هئي ۽ کين اها بہ خبر هئي تہ عيسيٰ انهيءَ ٻيڙيءَ ۾ شاگردن سان گڏ نہ ويو هو پر اهي اڪيلا ئي روانا ٿي ويا هئا.