John 6:45 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
نبين جي ڪتابن ۾ لکيل آهي، تہ ”اُهي سڀ خدا پاران سيکاريا ويندا.“ هرڪو جنهن پيءُ کان ٻُڌو آهي، ۽ وٽانئس سکيو آهي، سو مون وٽ ٿو اچي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
نبين جي صحيفن ۾ لکيل آھي تہ ’انھن سڀني کي خدا سيکاريندو.‘ جيڪوبہ پيءُ کان ٻڌي ٿو ۽ کانئس سکي ٿو سو ئي مون وٽ اچي ٿو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
سنديش ڏيندڙ سنتن جي هڪڙي شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’سڀيئي ايشور کان سکيا حاصل ڪندا.‘ سو جيڪو بہ پتا کان ٻڌي ٿو ۽ کانئس سکي ٿو اهو ئي مون وٽ اچي ٿو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
نبين جي هڪڙي ڪتاب ۾ لکيل آهي تہ ’سڀيئي خدا کان تعليم حاصل ڪندا.‘ سو جيڪو بہ پيءُ کان ٻڌي ٿو ۽ کانئس سکي ٿو اهو ئي مون وٽ اچي ٿو.