John 6:53 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن يسوع چين، تہ آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ جيسين اوهين ابن آدم جو گوشت نہ کائيندا، ۽ رت نہ پيئندا، تيسين اوهان ۾ زندگي هوندي ئي ڪانہ.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
عيسيٰ وراڻين تہ ”آءٌ اوھان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين اوھين ابنآدم جو گوشت نہ کائيندا ۽ سندس رت نہ پيئندا، تيستائين اوھان ۾ زندگي نہ ھوندي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
يسوع وراڻين تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين اوهين منشپتر جو ماس نہ کائيندا ۽ سندس رت نہ پيئندا، تيستائين اوهان ۾ جيون نہ هوندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
عيسيٰ وراڻين تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين اوهين ابنِ آدم جو ماس نہ کائيندا ۽ سندس رت نہ پيئندا، تيستائين اوهان ۾ زندگي نہ هوندي.