John 7:18 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
جو پاڻو ٿو چوي، سو پنهنجي وڏائي ٿو ڳولي: پر جيڪو انهيءَ جي وڏائي ٿو ڳولي، جنهن کيس موڪليو آهي، سو ئي سچو آهي ۽ منجهس کوٽ ڪونهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪو ماڻھو پنھنجي طرفان ڪجھہ چوندو آھي سو ڪوشش ڪندو آھي تہ سندس ساراھہ ٿئي. پر جيڪو چاھي ٿو تہ سندس موڪليندڙ جي ساراھہ ٿئي سو ئي سچو آھي ۽ انھيءَ ۾ ڪابہ ٺڳي ڪانہ آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪو ماڻهو پنهنجي طرفان ڪجھہ چوندو آهي سو چاهيندو آهي تہ سندس ئي مان ٿئي. پر جيڪو چاهي ٿو تہ سندس موڪليندڙ جو مان ٿئي سو ئي سچو آهي ۽ انهيءَ ۾ ڪابہ ٺڳي ڪانہ آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪو ماڻهو پنهنجي طرفان ڪجھہ چوندو آهي سو چاهيندو آهي تہ سندس ئي عزت ٿئي. پر جيڪو چاهي ٿو تہ سندس موڪليندڙ جي عزت ٿئي سو ئي سچو آهي ۽ انهيءَ ۾ ڪابہ ٺڳي ڪانہ آهي.