John 8:11 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
هن چيو تہ اي خداوند، ڪنهن بہ نہ. يسوع چيس، تہ آئون بہ توتي فتويٰ نٿو ڏيان، هلي وڃ، اڄ کانپوءِ وري گناهہ نہ ڪج.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھيءَ عورت وراڻيو تہ ”سائين! نہ، ڪوبہ ڪونھي.“ تنھن تي عيسيٰ چيس تہ ”چڱو آءٌ بہ تو کي سزا نہ ٿو ڏيان. سو وڃ، پر وري گناھہ نہ ڪجانءِ.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ ناريءَ وراڻيو تہ ”سوامي! نہ، ڪوبہ ڪونهي.“ تنهن تي يسوع چيس تہ ”چڱو آءٌ بہ تو کي پاپي نہ ٿو قرار ڏيان. سو وڃ، پر وري پاپ نہ ڪجانءِ.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ عورت وراڻيو تہ ” سائين! نہ، ڪوبہ ڪونهي.“ تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”چڱو آءٌ بہ تو کي گنهگار نہ ٿو قرار ڏيان. سو وڃ، پر وري گناهہ نہ ڪجانءِ.“