John 8:16 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جي کڻي آئون ڪنهن جو فيصلو ڪريان بہ، تہ منهنجو فيصلو سچو آهي، ڇالاءِ تہ آئون اڪيلو نہ آهيان، پر آئون ۽ پيءُ، جنهن مون کي موڪليو آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪڏھن آءٌ فيصلو ڪريان بہ ھا تہ منھنجو فيصلو سچو ھجي ھا، ڇالاءِ⁠جو آءٌ اڪيلو اھو ڪم نہ ٿو ڪريان پر منھنجو پيءُ، جنھن مون کي موڪليو آھي، سو بہ مون سان آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪڏهن آءٌ فيصلو ڪريان بہ تہ منهنجو فيصلو سچو هوندو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اڪيلو اهو ڪم نہ ٿو ڪريان پر منهنجو پتا، جنهن مون کي موڪليو آهي، سو بہ مون ساڻ آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪڏهن آءٌ فيصلو ڪريان بہ تہ منهنجو فيصلو سچو هوندو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اڪيلو اهو ڪم نہ ٿو ڪريان پر منهنجو پيءُ، جنهن مون کي موڪليو آهي، سو بہ مون ساڻ آهي.