John 8:28 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن يسوع چيو، تہ جڏهن اوهين ابن آدم کي مٿانهين تي چاڙهيندا، تڏهن اوهان کي خبر پوندي تہ آئون اُهو ئي آهيان، ۽ پاڻو ڪي ڪين ٿو ڪريان، پر جيئن پيءُ سيکاريو اٿم، تيئن ئي ٿو ٻُڌايان.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
سو عيسيٰ کين چيو تہ ”جڏھن اوھين ابنآدم کي مٿي چاڙھيندا، تڏھن اوھان کي خبر پوندي تہ آءٌ اھو ئي آھيان. آءٌ پنھنجي طرفان ڪجھہ بہ نہ ٿو ڪريان، پر اھو ئي ڪجھہ چوان ٿو جيڪي پيءُ مون کي سيکاريو آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
سو يسوع کين چيو تہ ”جڏهن اوهين منشپتر کي مٿي چاڙهيندا، تڏهن اوهان کي سڌ پوندي تہ آءٌ اهو ئي آهيان. آءٌ پنهنجي طرفان ڪجھہ بہ نہ ٿو ڪريان، پر اهو ئي ڪجھہ چوان ٿو جيڪي پتا مون کي سيکاريو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو عيسيٰ کين چيو تہ ”جڏهن اوهين ابنِ آدم کي مٿي چاڙهيندا، تڏهن اوهان کي خبر پوندي تہ آءٌ اهو ئي آهيان. آءٌ پنهنجي طرفان ڪجھہ بہ نہ ٿو ڪريان، پر اهو ئي ڪجھہ چوان ٿو جيڪي پيءُ مون کي سيکاريو آهي.