John 8:41 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
اوهين پنهنجي پيءُ جا ڪم ٿا ڪريو. انهن چيس تہ اسين حرام مان ڪين ڄاوا آهيون؛ اسان جو هڪڙو ئي پيءُ آهي، يعني خدا.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اوھين اھي ڪم ڪريو ٿا جيڪي اوھان جي پيءُ ڪيا آھن.“ تڏھن انھن وراڻيو تہ ”اسان جو پيءُ تہ رڳو خدا آھي ۽ اسين سندس ئي حقيقي اولاد آھيون.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اوهين اهي ڪم ڪريو ٿا جيڪي اوهان جي پتا ڪيا آهن.“ تڏهن انهن وراڻيو تہ ”اسين ناجائز اولاد آهيون ڇا؟ اسان جو پتا تہ هڪڙو ئي آهي، يعني ايشور.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اوهين اهي ڪم ڪريو ٿا جيڪي اوهان جي پيءُ ڪيا آهن.“ تڏهن انهن وراڻيو تہ ”اسين ناجائز اولاد آهيون ڇا؟ اسان جو پيءُ تہ هڪڙو ئي آهي، يعني خدا.“