John 8:42 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
يسوع چين تہ جي خدا اوهان جو پيءُ هجي ها تہ اوهين هوند مون کي پيار ڪريو ها، ڇالاءِ تہ آئون خدا مان نڪري هت آيو آهيان؛ آئون پاڻهي ڪين آيو آهيان پر هن موڪليو اٿم.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”جيڪڏھن خدا اوھان جو پيءُ ھجي ھا تہ اوھين مون سان پيار ڪريو ھا، ڇاڪاڻتہ آءٌ خدا وٽان آيو آھيان. آءٌ پاڻ ئي ڪين آيو آھيان پر ھن مون کي موڪليو آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
يسوع انهن کي چيو تہ ”جيڪڏهن ايشور اوهان جو پتا هجي ها تہ اوهين مون سان پيار ڪريو ها، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ايشور وٽان آيو آهيان. آءٌ پاڻ ئي ڪين آيو آهيان پر هن مون کي موڪليو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”جيڪڏهن خدا اوهان جو پيءُ هجي ها تہ اوهين مون سان پيار ڪريو ها، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خدا وٽان آيو آهيان. آءٌ پاڻ ئي ڪين آيو آهيان پر هن مون کي موڪليو آهي.