John 8:7 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
مگر جڏهن هو کانئس پڇندا رهيا، تڏهن هن ڪنڌ مٿي ڪري چين، تہ اوهان مان جيڪو بيگناهہ هجي، سو پهريائين هن کي پهڻ هڻي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن ھو کانئس پڇندا رھيا، تڏھن ھن ڪنڌ مٿي ڪري چين تہ ”اوھان مان جنھن ڪڏھن بہ ڪو گناھہ نہ ڪيو ھجي، سو پھريائين ھن عورت کي پٿر ھڻي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن هو کانئس بار بار پڇندا رهيا، تڏهن هن ڪنڌ مٿي ڪري چين تہ ”اوهان مان جنهن ڪڏهن بہ ڪو پاپ نہ ڪيو هجي، سو پهريائين هن ناريءَ کي پٿر هڻي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن هو کانئس بار بار پڇندا رهيا، تڏهن هن ڪنڌ مٿي ڪري چين تہ ”اوهان مان جنهن ڪڏهن بہ ڪو گناهہ نہ ڪيو هجي، سو پهريائين هن عورت کي پٿر هڻي.“