John 8:9 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جڏهن هنن اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن وڏي کان وٺي ننڍي تائين هڪڙو هڪڙو ٿي نڪري ويا: ۽ رڳو يسوع وڃي رهيو، ۽ اُها زال وچ ۾ بيٺي هئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن انھن اھا ڳالھہ ٻڌي تڏھن انھن مان پھريائين وڏا ۽ پوءِ ننڍا ھڪڙو ھڪڙو ٿي ھليا ويا. پوءِ رڳو عيسيٰ اڪيلو وڃي رھيو ۽ اھا عورت بيٺي رھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن نيم شاسترين ۽ فريسين اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن انهن مان پهريائين وڏا ۽ پوءِ ننڍا هڪڙو هڪڙو ٿي هليا ويا. پوءِ رڳو يسوع وڃي رهيو ۽ اها ناري بيٺي رهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن شريعت جي عالمن ۽ فريسين اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن انهن مان پهريائين وڏا ۽ پوءِ ننڍا هڪڙو هڪڙو ٿي هليا ويا. پوءِ رڳو عيسيٰ وڃي رهيو ۽ اها عورت بيٺي رهي.