John 9:22 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ائين جو سندس ماءُ پيءُ چيو، سو انهيءَ سببان جو يهودين کان ڊنا ٿي، ڇالاءِ جو يهودين اڳيئي ٺهراءُ ڪري ڇڏيو هو تہ جيڪڏهن ڪو هن کي مسيح ڪري مڃيندو تہ عبادتخاني مان ڪڍي ڇڏبس.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
سندس ماءُ⁠پيءُ ائين انھيءَ ڪري چيو، ڇالاءِ⁠جو ھو يھودي اڳواڻن کان ڊنا ٿي، جن اڳي ئي ٺھراءُ ڪري ڇڏيو ھو تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو عيسيٰ کي مسيح ڪري مڃيندو تہ ھو انھيءَ کي پنھنجي عبادت⁠گاھہ مان ڪڍي ڇڏيندا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
سندس ماتا پتا يهودي اڳواڻن جي ڊپ کان ائين چيو، ڇاڪاڻ تہ انهن اڳي ئي ٺهراءُ ڪري ڇڏيو هو تہ جيڪو بہ ماڻهو يسوع کي مسيح ڪري مڃيندو تنهن کي هو پنهنجي ڀڳتيءَ واري جاءِ مان نيڪالي ڏيئي ڇڏيندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سندس ماءُ پيءُ يهودي اڳواڻن جي ڊپ کان ائين چيو، ڇاڪاڻ تہ انهن اڳي ئي ٺهراءُ ڪري ڇڏيو هو تہ جيڪو بہ ماڻهو عيسيٰ کي مسيح ڪري مڃيندو تنهن کي هو پنهنجي عبادت‌خاني مان نيڪالي ڏيئي ڇڏيندا.