John 9:35 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
يسوع ٻُڌو تہ هن کي ڪڍي ڇڏيو اٿن؛ ۽ جڏهن ڳولي لڌائينس تڏهن چيائينس، تہ تون خدا جي فرزند تي ايمان ٿو آڻين؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن عيسيٰ ٻڌو تہ انھيءَ ماڻھوءَ کي عبادت⁠خاني مان ڪڍي ڇڏيو اٿن، تڏھن عيسيٰ کيس ڳولي وڃي لڌو ۽ چيائينس تہ ”ڇا تون ابن⁠آدم تي ايمان آڻين ٿو؟“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن يسوع ٻڌو تہ يهودي اڳواڻن انهيءَ ماڻهوءَ کي ڀڳتيءَ واري جاءِ مان نيڪالي ڏيئي ڇڏي آهي، تڏهن هو ساڻس مليو ۽ کيس چيائين تہ ”ڇا تون منش‌پتر تي وشواس آڻين ٿو؟“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن عيسيٰ ٻڌو تہ يهودي اڳواڻن انهيءَ ماڻهوءَ کي عبادت‌خاني مان نيڪالي ڏيئي ڇڏي آهي، تڏهن هو ساڻس مليو ۽ کيس چيائين تہ ”ڇا تون ابنِ آدم تي ايمان آڻين ٿو؟“