John 9:39 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
يسوع چيو تہ آئون هن جهان ۾ عدالت جي لاءِ آيو آهيان، تہ جيڪي نٿا ڏسن سي ڏسي سگهن؛ ۽ جيڪي ڏسن وائسن ٿا سي انڌا ٿين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
عيسيٰ چيس تہ ”آءٌ ھن دنيا ۾ انصاف ڪرڻ لاءِ آيو آھيان تہ جيئن انڌا ڏسن ۽ جيڪي ڏسن ٿا سي انڌا ٿين.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوءِ يسوع چيو تہ ”آءٌ هن سنسار ۾ فيصلو ڏيڻ لاءِ آيو آهيان، تہ جيئن جيڪي انڌا آهن سي ڏسن ۽ جيڪي ڏسن ٿا سي انڌا ٿين.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ عيسيٰ چيو تہ ”آءٌ هن دنيا ۾ فيصلو ڏيڻ لاءِ آيو آهيان، تہ جيئن جيڪي انڌا آهن سي ڏسن ۽ جيڪي ڏسن ٿا سي انڌا ٿين.“