Jonah 1:5 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن خلاصي ڊنا ۽ هر ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي پنهنجي خدا کي پڪاريو؛ ۽ جهاز ۾ جيڪو سامان هو، سو هو سمنڊ ۾ اُڇلائڻ لڳا، انهي لاءِ تہ جهاز هلڪو ٿئي. پر يوناہ لهي جهاز جي اندرين ڀاڱن ۾ ويو؛ ۽ اُتي گهاٽيءَ ننڊ ۾ سمهيو پيو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن ملاح ڊڄي ويا ۽ پنهنجي پنهنجي معبود کي پڪارڻ لڳا. ان سان گڏ هو جهاز ۾ رکيل سامان کڻي سمنڊ ۾ اڇلائڻ لڳا تہ جيئن جهاز هلڪو ٿئي. پر يونس ان کان اڳ ئي جهاز جي هيٺئين ڀاڱي ۾ لهي ويو هو، جتي هو گھاٽيءَ ننڊ ۾ ستو پيو هو.