Jonah 4:2 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ خدا کي عرض ڪري چيائين، تہ اي خداوند، آءٌ عرض ٿو ڪريان، تہ جڏهن آءٌ اڃا پنهنجي ملڪ ۾ هوس، تڏهن اهو منهنجو چوڻ نہ هو ڇا؟ تنهنڪري آءٌ تڪڙو ٿي ترسيس ڏي ڀڳس: ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ تون رحيم ۽ ٻاجهارو خدا آهين، ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ نهايت مهربان آهين، ۽ پنهنجي غضب کان ڦرين ٿو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هن خداوند کي عرض ڪري چيو تہ ”اي خداوند! ڇا مون ان وقت ائين ئي نہ چيو هو جڏهن آءٌ اڃا پنهنجي ملڪ ۾ هئس؟ اهو ئي سبب هو جو آءٌ جلدي ترسيس ڏانهن ڀڄي ويو هئس، ڇاڪاڻ تہ مون ڄاتو ٿي تہ تون رحيم ۽ مهربان آهين. تون ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ شفقت ڪرڻ ۾ تڪڙو آهين. تون پنهنجي غضب نازل ڪرڻ کان باز اچڻ وارو آهين.