Joshua 10:1 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
هاڻي هيئن ٿيو تہ جڏهن يروشلم جي بادشاهہ ادوني صدق ٻڌو تہ يشوع ڪيئن نہ عئي ورتو آهي، ۽ انهيءَ کي صفا ناس ڪري ڇڏيو اٿس؛ جيئن هن يريحو، ۽ انهيءَ جي بادشاهہ سان ڪيو هو تيئن هن عئي ۽ انهي جي بادشاهہ سان بہ ڪيو آهي؛ ۽ هي بہ ٻڌائين تہ جبعون جي رهاڪن اسرائيل سان صلح ڪيو آهي، ۽ انهن منجهہ پيا گذارين؛
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
يروشلم جي بادشاهہ ادوني‌صدق ٻڌو تہ يشوع عئي شهر هٿ ڪري ورتو آهي ۽ انهيءَ کي صفا ناس ڪري ڇڏيو اٿس ۽ جيئن هن يريحو شهر ۽ ان جي بادشاهہ سان ڪيو، تيئن ئي عئي شهر ۽ ان جي بادشاهہ سان ڪيو اٿس. هن هي بہ ٻڌو تہ جِبعون جي رهاڪن بني اسرائيل سان صلح ڪيو آهي ۽ انهن جي ويجھڙائيءَ ۾ ئي پيا رهن.