Joshua 10:11 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هيئن ٿيو جو جيئن هو اسرائيل جي اڳيان ڀڄندا ويا، ۽ بيت حورون ڏي لهندا ويا، تيئن عزيقاہ تائين خداوند هنن جي مٿان آسمان مان وڏا وڏا پٿر وسايا، جنهنڪري هو مري ويا: جن کي بني اسرائيل ترار سان قتل ڪيو، تن کان وڌيڪ ڳڙن جي سبب مئا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيئن هو بني اسرائيل جي اڳيان بيت‌حورون جي لنگھہ وٽان ڀڄندا ٿي ويا تيئن سڄي واٽ عزيقاہ تائين خداوند هنن جي مٿان آسمان مان وڏا وڏا برف جا پٿر ڪيريندو رهيو. بني اسرائيل جي تلوار سان مرڻ وارن کان وڌيڪ ماڻهو انهن ڳڙن سان مئا.