Joshua 10:28 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ انهيءَ ڏينهن يشوع مقيدہ ورتو، ۽ انهي کي، ۽ انهي جي بادشاهہ کي، ترار جي ڌار سان ماريو، پوءِ انهن کي، ۽ ٻيا جيڪي ماڻهو انهيءَ ۾ هئا، تن سڀني کي صفا ناس ڪري ڇڏيائين: هڪڙو بہ ڪونہ ڇڏيائين: ۽ مقيدہ جي بادشاهہ سان اهڙي هلت ڪيائين جهڙي يريحو جي بادشاهہ سان ڪئي هئائين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ ڏينهن يشوع مقيدہ شهر تي قبضو ڪري ورتو. هن اتي جي بادشاهہ کي ۽ جيڪي بہ ماڻهو منجھس رهندا هئا تن سڀني کي تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيو، ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيائين. هن مقيدہ جي بادشاهہ سان ائين ئي ڪيو جيئن يريحو جي بادشاهہ سان ڪيو هئائين.