Joshua 10:37 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ انهيءَ کي بہ ورتائون، ۽ انهي کي، ۽ انهي جي بادشاهہ کي، ۽ انهي جي سڀني شهرن کي، ۽ جيڪي ماڻهو انهيءَ ۾ هئا، تن کي ترار جي ڌار سان ماري ڇڏيائون، ۽ جيئن عجلون ۾ ڪيو هئائون، تيئن هڪڙي کي بہ نہ ڇڏي ڏنائون؛ پر انهي کي، ۽ جيڪي ماڻهو انهي ۾ هئا، تن کي صفا ناس ڪري ڇڏيائون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هنن انهيءَ تي بہ قبضو ڪيو ۽ انهيءَ جي بادشاهہ سميت جيڪي بہ ماڻهو انهيءَ ۾ يا انهيءَ جي آس‌پاس وارن ڳوٺن ۾ رهندا هئا تن سڀني کي تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيائون. ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيائون. جيئن عجلون ۾ ڪيو هئائون، تيئن هن شهر سان بہ ڪيائون ۽ جيڪي ماڻهو منجھس هئا، تن سڀني کي ناس ڪري ڇڏيائون.