Joshua 10:39 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ انهي کي، ۽ انهي جي بادشاهہ کي، ۽ انهن جي سڀني شهرن کي ورتائين؛ ۽ انهي کي ترار جي ڌار سان ماري، ۽ سڀني ماڻهن کي صفا ناس ڪري ڇڏيائين؛ هن ڪنهن کي بہ ڪونہ ڇڏيو. جهڙو حال حبرون جو ڪيو هئائين، اهڙو دبير، ۽ انهي جي بادشاهہ جو بہ ڪيائين؛ اهڙو ساڳيو حال لبناہ ۽ انهي جي بادشاهہ جو بہ ڪيو هئائين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هنن انهيءَ تي، انهيءَ جي بادشاهہ تي ۽ سڀني آسپاس وارن ڳوٺن تي قبضو ڪيو. جيڪي ماڻهو اتي رهندا هئا تن سڀني کي تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيائون. يشوع دبير ۽ ان جي بادشاهہ سان ائين ئي ڪيو جيئن هن لبناہ شهر ۽ انهيءَ جي بادشاهہ سان ۽ حبرون شهر سان ڪيو هو.