Joshua 10:6 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن جبعون جي ماڻهن يشوع ڏي جلجال جي منزل تي چوائي موڪليو تہ تون پنهنجن ٻانهن تان هٿ نہ کڻ؛ جلد اچي اسان کي بچاءِ، ۽ اسان جي مدد ڪر: ڇالاءِ جو امورين جا سڀ بادشاهہ، جي جبلن ۾ ٿا رهن، سي اسان جي برخلاف اچي گڏ ٿيا آهن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن جِبعون جي رهاڪن يشوع ڏانهن جيڪو جِلجال واري خيمي‌گاهہ رهيل هو تنهن ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”پنهنجن ٻانهن تان هٿ نہ کڻو. جلدي اچو ۽ اسان کي بچايو. اسان جي مدد ڪريو، ڇاڪاڻ تہ جابلو علائقن ۾ رهندڙ امورين جي سڀني بادشاهن اسان جي خلاف فوجون گڏ ڪيون آهن.“