Joshua 13:21 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ ميدان جا سڀ شهر، ۽ امورين جي بادشاهہ سيحون جي ڪل بادشاهت، جو حسبون ۾ بادشاهي ڪندو هو، ۽ جنهن کي موسيٰ مديان جي اميرن، اوي، ۽ رقم، ۽ صور، ۽ حور، ۽ ربع سان گڏ ماريو، اهي سڀ سيحون جا امير هئا، جي اُنهيءَ ملڪ ۾ رهندا هئا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ميدان جا سڀ شهر، امورين جي بادشاهہ سيحون جي سڄي بادشاهت، جيڪو حشبون تي بادشاهي ڪندو هو. موسيٰ انهيءَ کي ۽ انهيءَ ملڪ ۾ رهندڙ مديان جي قبائلي سردارن اَوي، رقم، صور، حور ۽ ربع کي شڪست ڏيئي ماري ڇڏيو هو جيڪي سيحون جا امير هئا.