Joshua 14:6 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهن کان پوءِ بني يهوداہ جلجال ۾ يشوع وٽ آيا: ۽ ڪالب بن يفنہ قنزي هن کي چيو تہ توکي انهيءَ ڳالهہ جي خبر آهي، تہ خدا جي ٻانهي موسيٰ کي، قادس برنيع ۾، خداوند منهنجي ۽ تنهنجي نسبت ۾ ڇا فرمايو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ بني يهوداہ قبيلي جا ڪي ماڻهو جِلجال ۾ يشوع وٽ آيا. انهن مان ڪالب بن يفنہ قنزيءَ کيس چيو تہ ”توهان کي خبر آهي تہ قادشبرنيع ۾ مردِخدا موسيٰ کي منهنجي ۽ توهان جي باري ۾ خداوند ڇا فرمايو هو.