Joshua 17:1 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
منسيءَ جي فرقي لاءِ ڪڻي پيري هي حصو هو؛ ڇالاءِ جو هو يوسف جو پهريتو پٽ هو، ۽ مڪير جو منسيءَ جو پهريتو پٽ هو، ۽ جلعاد جو پيءُ هو، ڇاڪاڻ تہ هو جنگي مرد هو، تنهنڪري هن کي جلعاد ۽ بسن ورثي ۾ مليا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
يوسف جي پهريتي پٽ منسيءَ جي قبيلي کي سندس باقي رهيل ورثو ڏنو ويو. جيئن تہ منسيءَ جو پهريتو پٽ مڪير جيڪو جِلعاد جو پيءُ هو تنهن جي قبيلي کي اردن درياءَ جي اوڀر طرف جِلعاد ۽ بسن وارا علائقا ملي چڪا هئا، ڇاڪاڻ تہ هو جنگي جوڌا هئا،