Joshua 17:7 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ منسيءَ جي سرحد آشر کان وٺي مڪمٿاہ تائين هئي، جو سڪم جي سامهون آهي؛ ۽ اُها سرحد سڄي هٿ واري پاسي کان هلي عين تفوح جي رهاڪن تائين ويئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
منسيءَ جي اولهہ واري اڌ قبيلي کي مليل ورثي جي سرحد اتر ۾ آشر کان وٺي ڏکڻ ۾ سڪم شهر جي اوڀر طرف مڪمتاہ تائين هئي. انهيءَ کان اڳتي ڏاکڻي پاسي عينتفوح جو سڄو علائقو انهيءَ سرحد ۾ شامل هو.