Joshua 18:8 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهن تي اُهي ماڻهو اُٿي هليا: ۽ يشوع انهن کي تاڪيد ڪري چيو تہ انهيءَ ملڪ مان گهمندا وڃو، ۽ اُهو بيان لکي پوءِ مون وٽ اچو تہ آءٌ هتي سيلا ۾ خداوند جي اڳيان اوهان جي لاءِ ڪڻا وجهان.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن اُهي ماڻهو اُٿي روانا ٿيڻ لڳا ۽ يشوع کين تاڪيد ڪري چيو تہ ”وڃو ۽ انهيءَ ملڪ جي جائزو وٺي اُهو بيان لکو. پوءِ مون وٽ موٽي اچو تہ آءٌ هتي سيلا شهر ۾ خداوند جي آڏو اوهان جي لاءِ ڪُڻان وجھان.“