Joshua 19:51 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
هي اُهي موروثي حصا آهن جي اليعزر ڪاهن، ۽ يشوع بن نون، ۽ بني اسرائيل جي فرقن ۽ گهراڻن جي بزرگن سيلا ۾ خداوند جي اڳيان، جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ ڪڻا وجهي ورهايا. انهيءَ طرح هنن اُنهيءَ زمين کي ورهائي پورو ڪيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اِهي آهن اُهي علائقا جيڪي اليعزر ڪاهن ، يشوع ۽ بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي گھراڻن جي وڏن سيلا شهر ۾ خداوند جي آڏو خدا سان ملاقات واري خيمي جي در وٽ ڪُڻان وجھي ورهايا. اهڙيءَ طرح هنن انهيءَ زمين کي ورهائي پورو ڪيو.