Joshua 2:1 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
پوءِ يشوع بن نون، شطيم ڏانهن ٻہ ماڻهو موڪليا تہ ڳجهيءَ طرح جاسوسي ڪري اچن، ۽ چيائين تہ اوهين وڃي اهو ملڪ يعني يريحو ڏسي اچو. تڏهن هو ويا ۽ هڪڙي ڪسبياڻيءَ جي گهر وڃي ٽڪيا، جنهن جو نالو راحب هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ يشوع شطيم وٽان خيمي‌گاهہ مان ٻہ ماڻهو جاسوس ڪري موڪليا. هن کين چيو تہ ”اوهين ڳجھيءَ طرح وڃي ڪنعان ملڪ جي، خاص طور تي يريحو شهر مان جاچ لهي اچو.“ تڏهن هو اتان روانا ٿيا ۽ يريحو شهر ۾ آيا. اتي هو راحب نالي هڪ ڪسبياڻيءَ جي گھر ۾ وڃي رات رهيا.