Joshua 22:16 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
خداوند جي سڄي جماعت هيئن ٿي چوي، تہ هي ڪهڙو قصور آهي، جو اوهان اسرائيل جي خدا جي برخلاف ڪيو آهي، جو اڄوڪي ڏينهن اوهان خداوند جي پيروي ڪرڻ کان منهن ڦيريو آهي، ۽ پنهنجي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي اٿوَ، انهي لاءِ تہ اوهين اڄوڪي ڏينهن خداوند کان باغي ٿيو؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هنن خداوند جي سڄي قوم پاران کين اچي چيو تہ ”اوهان بني اسرائيل جي خدا جي خلاف هي ڪهڙو ڪم ڪيو آهي؟ اڄ ڪيئن اوهان خداوند جي حڪمن جي پيروي ڪرڻ کان منهن موڙيو آهي جو خداوند کان باغي ٿي پنهنجي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي اٿوَ؟