Joshua 22:29 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
خدا شل ائين نہ ڪري تہ اسين خداوند کان باغي ٿيون، ۽ اڄ خداوند جي پيروي ڪرڻ کان ڦرون، ۽ خداوند اسان جي خدا جي جيڪا قربانگاهہ سندس تنبوءَ جي اڳيان آهي، تنهن کان سواءِ سوختني قربانيءَ لاءِ، يا کاڌي جي قربانيءَ لاءِ، يا ذبح واري قربانيءَ لاءِ ٻي قربانگاهہ ٺاهيون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خدا ائين نہ ڪري جو اسين خداوند کان باغي ٿيون ۽ کانئس منهن موڙيون جو اسين خداوند اسان جي خدا جي جيڪا قربان‌گاهہ سندس مقدس خيمي جي اڳيان آهي، تنهن کي ڇڏي ساڙڻ واري قرباني، اناج جي قرباني ۽ ٻين قربانين لاءِ ڪا ٻي قربان‌گاهہ ٺاهيون.“