Joshua 22:4 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
هاڻي خداوند اوهان جي خدا اوهانجن ڀائرن کي آرام ڏنو آهي، جيئن هن انهن کي چيو هو: تنهنڪري هاڻي اوهين پٺتي موٽو، ۽ جيڪا اوهان جي ورثي واري زمين خداوند جي ٻانهي موسيٰ يردن جي هن ڀر اوهان کي ڏني هئي، تنهن ۾ پنهنجن تنبن ڏانهن وڃو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خداوند اوهان جي خدا هاڻ اوهان جي بني اسرائيل جي انهن قبيلن کي آرام ڏنو آهي، جيئن هن ساڻن واعدو ڪيو هو. سو هاڻي اوهين ڀلي پنهنجن گھرن ڏانهن انهيءَ ملڪ ۾ موٽي وڃو جيڪو موسيٰ اوهان کي اردن درياءَ جي اوڀر طرف ملڪيت ڪري ڏنو هو.