Joshua 22:9 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسيءَ جو اڌ فرقو، اهي سڀ پٺتي موٽيا ۽ سيلا، جو ڪنعان جي ملڪ ۾ آهي، تنهن مان بني اسرائيل وٽان روانا ٿيا، ۽ جلعاد جي ملڪ ۾ وڃڻ جو قصد ڪيائون، يعني پنهنجي ورثي واريءَ زمين ڏانهن، جا خداوند جي حڪم موجب، جو موسيٰ جي معرفت آيو، هنن کي قبضي ۾ ملي هئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن بني روبن، بني جد ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي وارا پنهنجن گھرن ڏانهن موٽيا. ٻين بني اسرائيل وارن کي ڪنعان ملڪ جي سيلا شهر ۾ ڇڏي هو پنهنجي ملڪ جِلعاد ڏانهن روانا ٿيا، جيڪو خداوند جي حڪم موجب موسيٰ جي معرفت کين ملڪيت ٿي مليو هو.