Joshua 23:13 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تہ پڪ ڄاڻجو تہ خداوند اوهان جو خدا وري ڪڏهن بہ انهن قومن کي اوهان جي اڳيان هڪالي نہ ڪڍندو؛ اُٽلندو اُهي اوهان جي لاءِ ڦاسي ۽ دام ٿيندا، ۽ اوهانجن پاسن ۾ آفت ٿيندا، ۽ اوهانجين اکين لاءِ ڪنڊا ٿيندا، ۽ نيٺ اُها عمدي زمين جا خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڏني آهي، تنهن تان اوهين مري کپي ويندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تہ پوءِ پڪ ڄاڻجو تہ خداوند اوهان جو خدا اڳي وانگر انهن قومن کي اوهان وٽان وري ڀڄائي نہ ڪڍندو. اٽلندو اهي اوهان جي لاءِ ڦاهي ۽ دام ٿيندا. اهي اوهان جي پٺيءَ تي ڦٽڪا ۽ اوهان جي اکين ۾ ڪنڊا ٿيندا. تيستائين ائين ٿيندو رهندو جيستائين اوهين انهيءَ سٺيءَ زمين تان مري کپي نہ وڃو جيڪا خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڏني آهي.