Joshua 24:14 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهنڪري هاڻي خداوند جو خوف رکو، ۽ سچي نيت ۽ صداقت سان انهي جي عبادت ڪريو؛ ۽ نديءَ جي هن ڀر، ۽ مصر ۾، جن معبودن جي اوهان جا ابا ڏاڏا عبادت ڪندا هئا، تن کي ڇڏي ڏيو؛ ۽ خداوند جي عبادت ڪريو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
يشوع پنهنجي ڳالهہ جاري رکندي وڌيڪ چيو تہ ”سو هاڻ اوهين خداوند جو خوف رکو ۽ سچي نيت ۽ وفاداريءَ سان سندس عبادت ڪريو. جن معبودن جي اوهان جا ابا ڏاڏا فرات نديءَ جي پرينءَ ڀر ۽ مصر ۾ پوڄا ڪندا هئا تن کي اوهين اڇلائي ڇڏيو ۽ رڳو خداوند جي عبادت ڪريو.