Joshua 24:17 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ جو اهو خداوند اسان جو خدا آهي، جنهن اسان کي ۽ اسان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان، ٻانهپ جي گهر منجهان ٻاهر ڪڍي آندو، ۽ جنهن اسان جي ڏسندي وڏا معجزا ڏيکاريا، ۽ جن رستن تي ٿي هلياسين، تن تي، ۽ جن قومن جي وچ مان ٿي لنگهياسين، تن ۾، اسان کي بچايو:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهو خداوند اسان جو خدا ئي تہ آهي جنهن اسان کي ۽ اسان جي ابن ڏاڏن کي غلاميءَ جي گھر يعني مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو ۽ اسان جي سامهون وڏا وڏا معجزا ڪيائين. هن سڄي سفر دوران ۽ جن قومن مان ٿي لنگھياسين تن منجھہ اسان جي حفاظت ڪئي.