Joshua 3:16 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن جيڪو پاڻي مٿان ٿي آيو سو بيهي رهيو، ۽ ادم جو شهر، جو ضرتان جي پاسي ۾ آهي، تنهن کان گهڻو پري مٿي چڙهڻ لڳو: ۽ جيڪو پاڻي آرباہ جي سمنڊ ڏي، يعني کاري سمنڊ ڏي ٿي آيو، سو بيهي ويو، ۽ ڇڄي ڌار ٿي پيو: ۽ هو سڀ يريحو جي بلڪل آمهون سامهون لنگهي پار ٿيا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تيئن ئي مٿان ايندڙ پاڻيءَ جو وهڪرو بند ٿي ويو. گھڻو پري ادم شهر وٽ، جيڪو ضرتان جي ڀرسان آهي، پاڻي هڪ هنڌ ڪٺو ٿي مٿي چڙهڻ لڳو، جڏهن تہ آرباہ جي سمنڊ يعني کاري سمنڊ ڏانهن وهندڙ پاڻي ڇڄي ڌار ٿي پيو. عهد واري صندوق کڻي هلندڙ ڪاهن اردن درياءَ جي وچ ۾ سڪيءَ زمين تي ايتري تائين ڄمي بيهي رهيا جيتري تائين سڄي قوم اردن درياءَ منجھان سڪيءَ زمين تان لنگھي پار نہ ٿي. سو بني اسرائيل يريحو شهر جي سامهون لنگھي پار ٿيا.