Joshua 3:7 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
پوءِ خداوند يشوع کي چيو تہ اڄوڪي ڏينهن آءٌ اسرائيل جي سامهون تنهنجي وڏائي ظاهر ڪرڻ شروع ڪندس، تہ هو ڄاڻن تہ جهڙيءَ طرح آءٌ موسيٰ سان هوس، تيئن توسان بہ هوندس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خداوند يشوع کي فرمايو تہ ”اڄ آءٌ اهڙو ڪم ڪندس جنهن مان تون سڄي بني اسرائيل جي نظر ۾ سرفراز ٿيڻ شروع ٿيندين، تہ جيئن هو ڄاڻن تہ جهڙيءَ طرح آءٌ موسيٰ سان گڏ هئس، تهڙيءَ طرح تو سان بہ آهيان.