Joshua 5:1 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هيئن ٿيو تہ امورين جا سڀ بادشاهہ جي يردن جي الهندي پاسي هئا، ۽ ڪنعانين جا سڀ بادشاهہ جي سمنڊ جي ڪناري سان هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ خداوند يردن جو پاڻي بني اسرائيل جي اڳيان سڪائي ڇڏيو آهي، جيستائين ڪ هو پار لنگهي ويا، تڏهن هنن جي دل پگهرجي ويئي، ۽ بني اسرائيل جي ڊپ کان منجهن وڌيڪ همت ڪانہ رهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
امورين جا سڀ بادشاهہ جيڪي اردن درياءَ جي اولهہ طرف رهندا هئا ۽ ڪنعانين جا سڀ بادشاهہ جيڪي ڀُونوِچ سمنڊ جي ويجھو رهندا هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ خداوند اردن درياءَ جو پاڻي بني اسرائيل جي اڳيان سڪائي ڇڏيو آهي، جيستائين هو لنگھي پار ٿيا، تڏهن هنن جون دليون گھٻرائجي ويون ۽ بني اسرائيل سان منهن ڏيڻ جي منجھن ڪا همت ڪانہ رهي.