Joshua 5:13 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يشوع يريحو جي ڀرسان آيو، تڏهن پنهنجون اکيون مٿي کڻي نهاريائين تہ ڏسي، تہ هڪڙو ماڻهو سندس سامهون پنهنجي هٿ ۾ اُگهاڙي ترار ڪڍيو بيٺو آهي: ۽ يشوع وٽس ويو ۽ چيائينس تہ تون اسان جي لاءِ آهين يا اسانجن دشمنن جي لاءِ؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
يشوع جڏهن يريحو شهر جي ويجھو اچي پهتو تہ اوچتو ڏٺائين تہ هڪڙو ماڻهو سندس سامهون پنهنجي هٿ ۾ اگھاڙي تلوار ڪڍيو بيٺو آهي. يشوع وٽس ويو ۽ کانئس پڇيائين تہ ”تون اسان جي طرف آهين يا اسان جي دشمنن جي طرف؟“