Joshua 5:6 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ جو بني اسرائيل چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ پئي رليا، جيستائين ڪ سڄي قوم، يعني سڀ جنگي مرد جي مصر مان نڪتا هئا، سي مري کپي ويا، ڇو جو هنن خداوند جو حڪم نہ مڃيو: ۽ انهن سان خداوند قسم کنيو هو، تہ جنهن ملڪ جي کين ڏيڻ جو خداوند انهن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، ۽ جنهن ملڪ ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، سا هنن کي نہ ڏيکاريندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
بني اسرائيل چاليهن سالن تائين بيابان ۾ پئي رليا ۽ انهيءَ عرصي دوران اهي سڀ جنگي مرد جيڪي مصر مان نڪتا هئا سي مري کپي ويا، ڇو تہ هنن خداوند جي نافرماني ڪئي هئي. خداوند بہ ساڻن قسم کنيو تہ جنهن ملڪ جي ڏيڻ جو هن سندن ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو ۽ جيڪو آسودو ۽ خوشحال ملڪ آهي سو کين ڏسڻ بہ ڪين ڏيندو.